ٽاڊ، جيمس

ٽاڊ، جيمس

ٽاڊ جيمس

ٽاڊ، جيمس: برطانوي حڪومت جو سياسي نمائندو، مؤرخ، نقشا ساز ۽ پراڻن سڪن تي تحقيق ڪندڙ هن ماهر جو جنم 20 مارچ 1782ع تي لنڊن جي شهر اسِلڱٽن (Islington) ۾ جيمس ٽاڊ اول ۽ ميري هيٽلي جي گهر ۾ ٿيو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم اسڪاٽ لينڊ مان حاصل ڪرڻ بعد ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ ملٽري آفيسر طور ڀرتي ٿيو ۽ 1799ع ڌاري بنگال آرمي ۾ بطور شاگرد سکيا وٺڻ لاءِ هندوستان ويو. سندس پيءُ برطانوي انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ملازم نه هو، بلڪه هندوستان ۾ سندس ڀاءُ جان (John) مرزاپور ۾ نير (Indigo) 1800ع ۾ کيس ليفٽينينٽ جي عهدي تي فائز ڪيو ويو، 1805ع ۾ سندس مقرري رائل ڪورٽ ۾ ٿي جڏهن ته 1813ع ۾ کيس حفاظتي دستي (Escort) جو ڪيپٽن ۽ ڪمانڊر جي عهدي تي فائز ڪيو ويو. هندوستان ۾ رهندي هن وچ هندوستان جي ارضياتي زمين جو وسيع ۽ گهرو مطالعو ڪندي مقامي جاگرافي جي خصوصيتن ۽ تفصيل تي آڌاريل نقشو تيار ڪيو، جيڪو هن 1815ع ۾ ان وقت جي گورنر- جنرل آڏو پيش ڪيو. ان نقشي جو هڪ فائدو برطانوي سرڪار کي اهو ٿيو جو انگريز- مرهاٽا جنگ دؤران علائقن جي حدن جي ڄاڻ هجڻ ڪري انگريز فوج کي حملي ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿي. 1817ع کان 1818ع تائين جاري رهندڙ ان ٽئين جنگ ۾ ٽاڊ خفيه اداري (Intelligence Department) ۾ سپرنٽينڊنٽ طور ڪم ڪيو. ان ڏس ۾ مقامي علائقن ۽ ماڻهن متعلق سندس معلومات ڪارگر ثابت ٿي. جنگ کانپوءِ 1818ع ۾ کيس، راجپوتانه جي ڪيترين ئي رياستن جو سياسي ڪارڪن مقرر ڪيو ويو. جتي هن انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني پاران راجپوتن جي اصولن مطابق دوستاڻا تعلقات قائم ڪري اڻ سڌي طور سڄي علائقي تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. سندس مقبوليت، سياسي سمجهه ۽ لياقت کي ڏسندي جلد ئي برطانوي سرڪار پاران سندس ذميوارين ۾ اضافو ڪندي هندوستان جي ٻين مختلف علائقن ميوار، ڪوٽا، سِروهي ۽ بنڊي جا انتظامي معاملا ٽاڊ جي حوالي ڪيا ويا. ان کانسواءِ 1812ع ۾ مارواڙ ۽ جيسلمير جي علائقن جي ذميواري پڻ ٽاڊ جي حوالي ٿي. اهي علائقا ان وقت انتظامي حوالي سان ڪمزور سمجهيا ويندا هئا ۽ اُترئين پاسي کان خيبر پاس (Khyber Pass) وسيلي روس جي حملي ڪرڻ جو هر وقت خطرو هوندو هو. هن وچ هندوستان جي نه صرف مشهور علائقن ميواڙ، اُديپور ۽ راجپوتانه (موجوده راجستان) جي ارضياتي نقشن جو ڪم مڪمل ڪيو بلڪه انهن جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ڪاروهنوار جي حوالي سان پڻ روشني وڌي. ان سلسلي ۾ هن وليم ڪروڪ (William Crooke) جي گڏيل سهڪار سان (Annals and Anquities of Rajasthan) ٽن جلدن تي مشتمل ڪتاب شايع ڪرايو، جيڪو پنهنجي نوعيت جو بنيادي ۽ تاريخي حيثيت رکندڙ ڪتاب آهي.
آڪسفورڊ ڊڪشنري موجب: جيمس ٽاڊ هڪ ڪامياب ملٽري آفيسر ۽ سياسي، سماجي بصيرت رکندڙ ڪارڪن هو. هن پنهنجي نوڪري دؤران 300 کان وڌيڪ ٿري علائقن ۽ ڳوٺن ۾ امن ۽ امان جي صورتحال کي برقرار رکندي تجارتي، سياسي ۽ سماجي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن پنهنجي قابليت سان اُڏيپور جي مها راجائن/راڻن ۽ فوجي سربراهن وچ ۾ ڪيترائي ڪامياب معاهدا طئي ڪيا. هيءَ، فروري 1823ع ڌاري ملٽري مان رٽائر ٿيو ۽ هندوستان ڇڏي انگلستان ڏانهن روانو ٿيو، جتي هن 1826ع ۾ جوليا ڪلٽربڪ (Julia Clutterbuck) سان شادي ڪئي جنهن مان کيس گرانٽ هيٽلي (Grant Heatly)، ٽاڊ هيٽلي (Tod Heatly)، ايڊورڊ ايڇ. ايم. ٽاڊ (Edward H.M.Tod) ۽ ميري آگسٽاٽاڊ (Mary Augusta Tod) چئن ٻارن جو اولاد ٿيو. ڪجهه وقت علاج سبب انگلستان کان ٻاهـر اٽلي، بـرڊهـسـٽ (Birdhust) ۽ ڪـرائـڊون (Croydon) ۾ رهيو جتان وري انگلستان (England) موٽي آيو. هن 18 نومبر 1835ع تي، 53 سالن جي ڄمار ۾ لنڊن ۾ وفات ڪئي.
پاڻ ڪيترين سوسائٽين ۽ ادارن جو ميمبر رهيو جن ۾:
(1) پيرس ۾ قائم ايشياٽڪ سوسائٽي جو ميمبر.
(2) فرانس جي ايڪول فرانڪائز جي مشاورتي بورڊ جو ميمبر
(3) فرانس جي قديم آثارن جي تحقيقي ۽ مشاورتي بورڊ جو سربراهه.
(4) 1997ع ۾ فرانس جي اڪيڊمي Academic des inscription et Belles– Letters. ۾ چونڊيل ميمبر طور مقرر ڪيو ويو هو.
کيس ڪيترائي اوارڊ مليا جن مان:
(1) 1987ع ۾ پاڪستاني سرڪار پاران ستاره پاڪستان تمغو.
(2) 1996ع ڌاري فرانس سرڪار پاران ميرٽ تي خاص اعزاز.
(3) 2001ع ۾ فرانس حڪومت طرفان (Officier De La Legion) جو اعزاز.


لفظ ٽاڊ جيمسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو